جرنيل هوش محمد شيدي

جرنيل هوش محمد شيدي

جرنيل هوش محمد شيدي

جرنيل شيدي '>هوش محمد شيدي (ڪتاب ):سنڌ جي سورهيه جرنيل، شهيد هوش محمد شيديءَ متعلق تحقيقي ۽ تاريخي مضمونن تي مشتمل هن ڪتاب جو مصنف ناميارو ليکڪ منصور قادر جوڻيجو آهي. جنهن ۾ هيٺيان عنوان شامل آهن: دٻيءَ جي لڙائي، جنهن ڏينهن هوشو شهيد ٿيو، ٽالپرن جا ڪارناما عرف عهدناما، هوش محمد شيديءَ جي بهادري ٽالپرن جو اصل نسل، حڪومتي ڪاروهنوار، حڪومتي اوڻايون، هوش محمد شهيد جي زندگيءَ جو احوال، مياڻيءَ جي جنگ جو پس منظر ۽ پيش منظر وغيره. هن قومي هيري بابت مفيد معلومات ڏئي ڪيترين حقيقتن کي نروار ڪيو آهي. ڪتاب ۾ اڪثر طور مختلف محققن جي راين کي ڏئي، انهن جي روشنيءَ ۾ پنهنجي راءِ جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ڪتاب جا ٻه اکر پبلشر ناز سنائيءَ ۽ مهاڳ ليکڪ پاڻ لکيو آهي. ڪتاب ۾ شهيد هوش محمد جي مزار ۽ چارلس نيپيئر جي سنڌ تي قبضي واري ڏينهن متعلق خط به ڏنو آهي. ليکڪ ڪتاب جو انتساب مشهور تاريخدان رحيمداد مولائي شيدائيءَ کي ڪيو آهي. چار رنگي ٽائيٽل سان ڊيمي سائيز ۾ 128 صفحن تي مشتمل هيءُ ڪتاب سنڌ تحقيقي بورڊ حيدرآباد 1993ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو .


لفظ جرنيل هوش محمد شيديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو